امروٽي محمد شاهه

امروٽي محمد شاهه

محمد شاهه امروٽي

محمد شاهه امروٽي : مشهور عالم بزرگ سيد محمد شاهه ولد ميان نظام الدين شاهه امروٽي، 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ’ديواني‘ لڳ پريالوءِ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. مولانا محمد شاهه امروٽيءَ جو والد نظام الدين شاهه، نامور عالم مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو ڀائيٽو هو، جيڪو مولانا تاج محمود جي وفات بعد امروٽ شريف ضلعي شڪارپور ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ درگاهه جي خدمت ۽ سار سنڀال ڪرڻ لڳو. سيد محمد شاهه امروٽي قرآن مجيد جي تعليم ۽ سنڌي ڇهه درجا امروٽ شريف ۾ پڙهيو. ان کانپوءِ ديني تعليم مختلف مدرسن ۾مختلف عالمن کان حاصل ڪيائين، باقي تعليم تاج المدراس امروٽ ۾ مڪمل ڪري دستار ٻڌائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ديني ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول رهيو. والد جي وفات بعد درگاهه امروٽ شريف جو ٽيون سجاده نشين ٿيو، جنهن کانپوءِ سمورو وقت مريدن جي ذڪر اذڪار ۽ درگاهه جي انتظام سنڀالڻ ۾ گذارڻ لڳو. پاڪستان جي قيام بعد جڏهن ’جمعيت العلماءَ اسلام‘ نالي هڪ سياسي جماعت قائم ٿي ته محمد شاهه ان جماعت ۾ شامل ٿيو، ون يونٽ بعد جمعيت العلماءَ اسلام سنڌ جو امير (صدر) چونڊيو ويو ۽ آخر تائين ان عهدي تي رهيو. ان کان علاوه مرڪزي مجلس شوريٰ جو رڪن ۽ ڪجهه وقت لاءِ جمعيت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل به رهيو . 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت خلاف پاڪستان قومي اتحاد تحريڪ هلي ته ان ۾ به امروٽي ڀرپور حصو ورتو، ان تحريڪ دوران محمد شاهه ڪيترو وقت سينٽرل جيل سکر ۾ قيد به رهيو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي ۾ به حصو ورتائين. مولانا کي طب ۾ به سٺي مهارت هئي. هو سٺو ليکڪ ۽ شاعر به هو. هن ٽي ڪتاب لکيا، جن مان هڪ ڪتاب ’ڇا ڏٺو آهي تو؟‘ جيڪو سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ’جيئن ڏٺو آهي مون‘ جي رد ۾ لکيل هو، پر اهو شايع ٿي نه سگهيو. باقي سندس ٻه ڪتاب ’رساله جهاد‘ ۽ ’ملن جو مرشد‘ شايع ٿيل آهن. اهي ٻئي ڪتاب دارالااشاعت امروٽ طرفان 53-1952ع ۾ شايع ٿيا. مولانا محمد شاهه امروٽيءَ، 13 نومبر 1987ع تي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

09.05.1929  عيسوي

مشهور عالم بزرگ سيد محمد شاهه ولد ميان نظام الدين شاهه امروٽي ، 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ’ ديواني ‘ لڳ پريالوءِ ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو .


13.11.1987  عيسوي

مولانا محمد شاهه امروٽيءَ ، 13 نومبر 1987ع تي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪئي .



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راغب اصفهاني امام
حافظ سخي محمد مهراڻ
احمد رضا بريلوي
ايم جي ٺاڪر
سيد بدرالدجىٰ شاهه راشدي
شيخ عبدالمجيد الامجد
آخوند الله بخش ڀٽي سيتائي
ٿانوي اشرف علي مولانا
ٿرائي ميون محمد مبين
ابوالحسن صغي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون